قربان علي عباسي

قربان علي عباسي

قربان علي عباسي

قربان علي عباسي : نامور سماج سڌارڪ ۽ سياستدان قربان علي عباسي، 20 سيپٽمبر 1942ع تي ڳوٺ ٻيڙي چانڊيي، تعلقي ۽ ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ جي هڪ زميندار گهراڻي ۾ ڄائو. سندس خاندان 1949ع ۾ ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو مان لڏي شهر لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير ٿيو، جتي هن پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ شهر جي هڪ ديني مدرسي مان قرآن مجيد جي تعليم حاصل ڪئي. هن مئٽرڪ 1962ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي. هي ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. ڪاليج ۾ شاگرد يونين جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ نائب صدر پڻ رهيو. 1967ع ۾ جڏهن پيپلز پارٽيءَ جو بنياد پيو ته ان ۾ شامل ٿيو. اڳتي هلي پ پ پ کي الوداع ڪري مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيو. هي 1983ع کان 1987ع تائين لاڙڪاڻي ميونسپل ڪاميٽيءَ جو چيئرمين رهيو. 8 ڊسمبر 1990ع کان 1993ع تائين لاڙڪاڻي ميونسپل جو ايڊمنسٽريٽر رهيو. انهيءَ دوران هن ڪيترا ترقياتي ڪم ڪرايا. ادارن ۾ سياسي مداخلت خلاف آواز اٿاريو. ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪئي. هي هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.09.20  عيسوي

قربان علي عباسي، 20 سيپٽمبر 1942ع تي ڳوٺ ٻيڙي چانڊيي، تعلقي ۽ ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ جي هڪ زميندار گهراڻي ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

هما مير
مخدوم سجاد حسين قريشي
پير علي محمد شاهه راشدي
پريمچند ڪيولرام شهاڻي
حڪيم پير عبدالحليم ثاني
اچل پرساد سوامي
عبدالقادر منگي
شيخ عبدالوهاب
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
امرت خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون